ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ شھر تان ٻوڏ جو خطرو مڪمل ٽري ويو پاڻي ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آھي ميھڙ رنگ بند ۽ اڪثر علائقن ۾ پاڻي جي سطح گھٽجي رھي آھي انڊس ھاء وي اٽڪ پمپ وٽ فوٽ پاٿ ۽ انڊس ھاء وي تي ھڪ ڪلو ميٽر تائين پاڻي کان آجي ٿيڻ کان پوء 10 ڳوٺن جي اچ وڃ لاء ھاء وي جو ھڪ پاسو بہ کوليو ويو آھي. ميھڙ گاجي ، وارھ روڊ، ميھڙ دڙو شينھن روڊ به جزوي طور بحال ڪيو ويو آھي ميھڙ ڀرسان انڊس ھاء وي کان مبارڪ کوسو ، پوراچو تائين روڊ بہ کلي ويو آھي عارضي طور بحال ٿيل روڊن جي حالت انتھائي خراب آھي تيز وھڪرن ۽ ٻوڏ جي پاڻي روڊن تي کڏا ڪري ڇڏيا آھن ميھڙ کان فريدآباد لاء ميھڙ کان قائم جتوئي ڳوٺ تائين ٽريڪٽر ٽرالي سروس شروع ڪئي وئي آھي روڊ تي 2 فوٽ کان وڌيڪ پاڻي بيھڻ باوجود ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي ماڻھن پنھنجي ڳوٺ ڏانھن واپسي جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي، جڏھن تہ پاڻي ھيٺ آيل ميھڙ تعلقي جي ڪاڇي وارين يوسين سميت 10 يونين ڪائونسل جا سوين ڳوٺ بدستور پاڻي ھيٺ آھن ، جنھن سبب 10 يونين ڪائونسل جي ڳوٺن جا رستا بحال ناھن ٿي سگھيا ،  پاڻي ھيٺ آيل يونين ڪائونسلن جي سوين ڳوٺن ۾ رستا نہ ھجڻ سبب رليف جو ڪم شروع ناھي ٿي سگھيو جنھن سبب ڳوٺن ۾ ڦاٿل ماڻھو بک بدحالي ۽ بيمارين جي گھيري ۾ آھن سنڌ سرڪار توڙي ضلعي حڪومت سندن واھر ناھي ڪئي.