فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج جي مختلف ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي ۽ ڪٽن وارو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سوين  متاثرن جو احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون ڏئي 8 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي مهراڻ هاءِ وي  بلاڪ ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب فيض گنج تعلقي جي ڳوٺ حاجي حسين شاهه جيلاني، شمس الدين شاهه، مٺو چانگ، مشقول خان بالادي، عبدالعزيز آرائين ۽ ٻين ڳوٺن جي سوين متاثرن علائقي مان برساتي ۽ ڪٽن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهري 8 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي، ٽائرن کي باهيون ڏئي مهراڻ هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. بعد ۾ شاميانا لڳائي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي زين العابدين شاهه، صدام، اعجاز چانگ، ذوالفقار آرائين، بلاول چانگ ۽ ٻين ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته سندن ڳوٺن ۾ برساتي ۽ ڪٽن وارو پاڻي هن مهل تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. سوين رهواسي لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، گهرن ۾ 5 کان 6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، انتظاميا پاران پاڻي نيڪال ڪرائڻ واريون تسليون سکڻيون ثابت ٿيون آهن. احتجاج جي 8 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي نظير سومرو ۽ ايس ايچ او فيض گنج بشير ڀيو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري هڪ ڏينهن جي مهلت وٺي مهراڻ هاءِ وي کولرائي ڇڏيو. مظاهرين چتاءُ  ڏنو ته جيڪڏهن هڪ ڏينهن اندر مسئلو حل نه ٿيو ته ساڳي هنڌ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪئي ويندي.