خيرپور ناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ۾ 27 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، نه ئي چونڊيل نمائندن، ايريگيشن عملدار توڙي ضلعي انتظاميا خيرپورناٿن شاھ تعلقي مان ٻوڏ جي پاڻي کي ڪڍڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي شهري مڪمل نڌڻڪائپ جو شڪار آهن، هرهنڌ 8 کان 10 فوٽ پاڻي بيٺل آهي مسلسل پاڻي بيهڻ ڪري تعلقي ۾ تباهڪاريون جاري آهن، مسلسل پاڻي بيهڻ ڪري مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، ۽ تعلقي خيرپورناٿن شاھ جا ڪيترائي ماڻهون گيسٽرو، مليريا، بخار، پيٽ جي بيماري ۾ مبتلا آهن انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي.ياد رهي ته خيرپورناٿن شاھ تعلقي ۾ مسلسل ٻوڏ جو پاڻي بيھڻ ڪري سڄي علائقي ۾ بدبوء پکڙجي وئي آهي