ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ شھر ۾ گذريل ھڪ مھيني کان صفائي نه ٿيڻ ڪري شهر جي ڪلهوڙا ڪالوني، رامپور پاڙي، گاھي مھيسر روڊ ،ڀنڊ محلا ،المدينا ڪالوني ،لعل شاهه ڪالوني ،شيخ محلا، ڀٽائي ڪالوني ،وينجهر محلا،ڪاسائي محلا،مصطفيٰ ڪالوني سميت اڪثر علائقن ۾ گندگي جا ڍير ۽ ڊرينيج جو ڪنو پاڻي روڊن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، ان حوالي سان شهرين عابد حسين ڪلهوڙو، ذاڪر حسين ڪلهوڙو، اڳوڻي ڪائونسلر ڊاڪٽر رجب ڪلهوڙو ۽ ٻين دانيهندي چيو ته شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڍير لڳل آهن، شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين.