جھول (ن پ ا) جھول شهر جو واحد واٽر فلٽر پلانٽ گذريل ٻن مهينن کان خراب، شهري گندو ۽ گٽر مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور بڻيل، 30 هزار آدمشماري واري شهر جھول جو واحد فلٽر پلانٽ گذريل ٻن مهينن کان خراب پيل آهي شهر جو واحد واٽر فلٽر پلانٽ بند هئڻ سبب شهري صاف پاڻي پيئڻ کان محروم بڻيل آهن، شهري مجبوري ۾ واٽر سپلاءِ جو گندو ۽ گٽر مليل پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهن. جھول جي رهواسين محمد نواز خاصخيلي، اسلم قريشي، حميد کرل، بابر قريشي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جهول ۾ جر جو پاڻي زهريلو آهي ۽ واٽر سپلاءِ جو پاڻي پيئڻ لائق نه رهيو آهي جنهن جي استعمال سبب سوين شهري پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته جھول جي خراب ٿيل فلٽر پلانٽ کي فوري طور تي ٺهرائي چالو ڪرائي شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان فلٽر پلانٽ جي چالو ڪرڻ لاءِ ٽائون انتظاميا کي چئون ٿا ته هو چون ٿا ته فلٽر پلانٽ اسان جي آهي پر پبلڪ هيلٿ جي هينڊ اوور آهي ۽ پبلڪ هيلٿ وارن ڏانھن وڃون ٿا ته اهي چون ٿا ته اهي ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جو ڏس ڏين ٿا، اسان ڪنهن در دانهن ڏيون. هنن مطالبو ڪيو ته جهول شهر جو خراب ٿيل فلٽر پلانٽ چالو ڪرائي شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪري بيمارين کان بچايو وڃي.