پيارو اسٽيشن (ن پ ا) پيارو اسٽيشن شهر ۾ گذريل هڪ مهيني کان صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين ۽ دڪاندارن منير احمد سمون، نعيم ملڪ، اختر چنا، شيرل ابڙو، وسيم راجپوت، شاهد چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرين دانيهندي چيو ته هڪ مهيني کان شهر ۾ صفائي ناهي ڪرائي وئي، شڪايتن باوجود انتظاميا تحرڪ ناهي ورتو، جنهن سبب سخت پريشان آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.