اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي به پارليامينٽ جي ميمبرن کي پارليامينٽ جي حدن اندر گرفتار ڪرڻ تي پابندي، چونڊيل ميمبرن جي گرفتاري بابت چيئرمين يا اسپيڪر کي آگاهه ڪرڻ، گرفتار ٿيل ميمبر کي اجلاسن ۾ لازمي طلب ڪرڻ جو بل منظور ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي گوادر ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ جي قيام لاءِ بل به منظور ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مختلف قانونن ۾ ترميمن جا 5 بل پيش، لاڳاپيل ڪاميٽين حوالي، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي جاويد حسين مسلم فيملي لاز ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مڙس جي وفات جي صورت ۾ اگر متاثرن گهراڻي ۾ ڪا اولاد نه هجي ته ان صورت ۾ بيواهه کي وراثت مان هڪ ڀاڱي 4 حصو ڏنو ويندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي آسيه عظيم پاران نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سزا وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته 999 گرام تائين ڀنگ رکڻ جي ڏوهه جي مرتڪب ٿيندڙ کي گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا ۽ وڌ ۾ وڌ 3 سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، هڪ هزار گرام کان وٺي 9999 گرام تائين ڀنگ رکڻ جي ڏوهه جو مرتڪب ٿيندڙ کي گهٽ ۾ گهٽ 3 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 7 سال سزا ۽ ڏنڊ جي سزا به ڏئي سگهبي، 10 هزار گرام کان 19999 گرام تائين ڀنگ رکڻ جي ڏوهه جو مرتڪب ٿيندڙ کي گهٽ ۾ گهٽ 7 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 14 سال سزا ۽ ڏنڊ جڏهن ته 20 هزار گرام يا ان کان وڌيڪ ڀنگ رکڻ جي ڏوهه جو مرتڪب ٿيندڙ کي گهٽ ۾ گهٽ 14 سال  ۽ وڌ ۾ وڌ عمر قيد جي سزا سان گڏ ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، ائين 999 گرام پوپي رکڻ جي ڏوهه جي مرتڪب ٿيندڙ کي گهٽ ۾ گهٽ 8 مهينا ۽ وڌ ۾ وڌ 4 سال سزا ڏئي سگهبي، هزار گرام چرس رکڻ جي ڏوهه مرتڪب ٿيندڙ کي به عمر قيد يا گهٽ ۾ گهٽ 20 سال جي سزا، ڏنڊ جي سزا به ڏئي سگهبي، جڏهن ته 499 گرام تائين هيرون رکڻ جي ڏوهه جو مرتڪب ٿيندڙ کي گهٽ ۾ گهٽ 14 مهينا ۽ وڌ ۾ وڌ 7 سال سزا سان گڏ ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، 5 هزار گرام هيرون رکندڙ کي عمر قيد يا گهٽ ۾ گهٽ 20 سالن جي سزا  سان گڏ ڏنڊ جي سزا به ڏئي سگهبي، قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ عاليه ڪامران ٽرانس جينڊر پرسن پروٽيڪشن رائيٽس ترميمي بل، آسيه عظيم آئين جي آرٽيڪل 140 ۾ ترميم جو بل، سيده نفيسا شاهه لاهور ۾ مينيجمينٽ ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ جي قيام جو بل پيش ڪيو، جيڪي ڪاميٽي حوالي ڪيا ويا، ان کانسواءِ اسلم ڀوتاڻي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ريسرچ  اينڊ رجسٽريشن جي قيام لاءِ بل پيش ڪيو جنهن کي ايوان متفقه طور تي منظور ڪري ورتو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي غلام مصطفيٰ شاهه ميمبر آف پارليامينٽ جي استحقاق جو بل پيش ڪيو، جيڪو سينيٽ ۾ ميان رضا رباني پيش ڪيو ويو هو، اهو به سينيٽ بعد قومي اسيمبلي به منظور ڪري ورتو، منظور ٿيل بل تحت صدر پاڪستان، سينيٽ چيئرمين يا اسپيڪر قومي اسيمبلي پاران اجلاس طلب ڪرڻ بعد ڪنهن به ميمبر کي حراست ۾ نه وٺي سگهبو، ڪنهن به پارليامينٽ جي ميمبر خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيندي يا ڪو ريفرنس داخل ڪيو ويندو ته چيئرمين يا اسپيڪر کي آگاهه ڪيو يوندو، ايف آءِ آر ۽ ريفرنس جي ڪاپي 24 ڪلاڪن ۾ فراهم ڪئي ويندي، گرفتاري لاءِ به چيئرمين يا اسپيڪر کي آگاهه ڪيو ويندو، چيئرمين سينيٽ يا اسپيڪر يا ڪنهن ڪاميٽي جو چيئرمين گرفتار ٿيل ميمبر پارليامينٽ کي اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ طلب ڪري سگهندو، ڪنهن به ميمبر کي وزيراعظم يا وڏي وزير جي چونڊ،  اعتماد جي ووٽ يا مالياتي بل لاءِ اجلاس کان هڪ هفتو اڳ گرفتار نه ڪري سگهبو، ميمبر کي چيئرمين يا اسپيڪر جي اجازت کانسواءِ پارليامينٽ جي حدن اندر گرفتار نه ڪري سگهبو.