لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ صوبائي حڪومت مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ 7 هزار رپيا واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب حڪومت مهانگائي کي نظر ۾ رکندي مزدورن جي اجرت 25 هزار مان وڌائي 32 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ ليبر سيڪريٽري جي صدارت هيٺ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي حوالي سان بورڊ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مزدور کي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ماهوار ڏني ويندي، گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت جي ڊرافٽ جي حڪم نامي کي سرڪاري گزٽ ۾ شامل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته مهانگائي سبب ڏينهو ڏينهن پورهيت سخت متاثر ٿي رهيا آهن، روزي جي ڳولا ۾ صبح جو نڪرندڙ مزدور ڪم نه ٿيڻ سبب شام جو خالي هٿين واپس گهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن.