اسلام آباد: سينيٽ اجلاس ۾رمارڪس ڏيندي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري بابت ايندڙ هفتي سينيٽ جي پوري ايوان کي هائوس آف هول ڪاميٽي ۾ تبديل ڪري آدمشماري بابت بريفنگ ورتي ويندي، سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي ڪارروائي دوران وفاقي وزير فيصل سبزواري چيو ته آدمشماري سان صرف سيٽون نه وڌنديون پر ان جي انگن اکرن جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ به ٿيندي، هي ڪهڙي ڳجهي ڊاڪيومينٽ آهي جنهن کي لڪايو پيو وڃي، ڊجيٽل آدمشماري کي شفاف ۽ قابل قبول بنائڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي ٻڌو وڃي، تڪراري آدمشماري کي ڪوئي تسليم نه ڪندو.  جواب ڏيندي قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته 2018ع ۾ سياسي پارٽين سان معاهدو ٿيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته ايندڙ چونڊ نئين آدمشماري تي ٿيندي، ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا اچي وڃن ته ان تحت تڪبنديون ٿينديون، ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڊجيٽل آدمشماري کي 1971ع جي طرز تي ڪيو پيو وڃي، چونڊن جو مامرو سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، ٻه حڪومتون هاڻي ٺهي وينديون ته ڇا آڪٽوبر ۾ ٻين اسيمبلين جون چونڊون شفاف ٿي سگهنديون، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته آدمشماري جي حوالي سان ايندڙ هفتي سينيٽ جي پوري ايوان تي ٻڌل ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪري  وٺون ٿا ته جيئن ان ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سمورن شراڪتدارن کي گهرائي ٻڌو وڃي، ان حوالي سان اگر قانونسازي ڪرڻي هجي ته اها به ڪئي وڃي.