ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو لڳ ڳوٺ بدر الدين کوسو ۾ جوابدار صدام کوسو پنهنجي گهرواري ثمينه سان ڪارنهن الزام ڏئي نوجوان ظهور کوسو کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، وارث نوجوان کي ٿاڻي تي کڻائي آيا. جوابدار پنهنجي گهرواري کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ناري وجهه وٺي پاڙي ۾ پناھ ورتي. پوليس ناري کي تحويل ۾ وٺي قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو. پوليس زخمي نوجوان ظهور کوسو کي ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪيو. ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن مامري تان جهيڙو ٿيو، ظهور کوسو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. ناري ثمينه کي قتل ٿيڻ کان بچايو آهي، جنهن کي اڄ  عدالت ۾ پيش ڪنداسين. هوڏانهن مامري کي ختم ڪرڻ لاءِ راڄوڻي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.