ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ هلندڙ سبزوئي چاچڙ ختم ڪرڻ لاءِ معززين عبدالرحمان سبزوئي، عرض محمد چاچڙ، محبوب جکراڻي، مقدم بادل سبزوئي، ارباب سبزوئي، مير حسن چاچڙ، سينيئر صحافي لياقت کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منٿ ميڙ قافلو چاچڙ برادري جي چڱي مڙس اصغر چاچڙ وٽ پهتو.  ان موقعي تي ميزبان مهمانن کان حال احوال ورتا.  ان موقعي تي قافلي ۾ شريڪ ماڻهن چاچڙ ڌر جي چڱي مڙس  اصغر چاچڙ  کي چيو ته ڪچي ۾ 3 سالن کان هلندڙ سبزوئي ۽ چاچڙ تڪرار ۾ 9 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو، جيئن علائقي ۾ امن قائم ٿي سگهي ۽ بي گناهه ماڻهن جون جانيون بچي سگهن. اصغر چاچڙ معززين کي چيو ته ڪوشش ڪري ٻن ڏينهن اندر جهيڙي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان ملي انشاءَالله جلد فيصلي لاءِ ڌرين کي راضي ڪري جلد ٺاهه ڪرايو ويندو. ان موقعي تي منٿ ميڙ قافلي ۾ شريڪ معززين سٺي موٽ ملڻ بعد موٽي ويا.