ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ مبينا طور سڱ نه ڏيڻ تان سئوٽ ناري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾  ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد کڏا ڪالوني ۾ 19 سالن جي غير شادي شده نوجوان ناري افروز چانڊيو کي سندس سئوٽ مبينا طور رشتو نه ملڻ تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. گهر اندر ماني پچائيندي قتل ڪيل ناري جو لاش بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو،ٻي طرف ڊي ايس پي ڪوٽڙي ملڪ رياض موجب ته ناري جي وارثن 3 ڏينهن اڳ رپورٽ داخل ڪرائي ته ناري گهران نڪري وئي آھي، اڄ سندس لاش مليو آھي، اطلاع مليا آھن ته ناري کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آھي، ناري کي سندس سوئٽ قتل ڪيو آھي اسان ڇاپا هنيا آھن پر جوابدار ڀڄي ويا آھن،ٻي طرف  اسپتال ۾ موجود مقتوله ناري جي ماسي مسمات صدوري ٻڌايو ته ناري کي سئوٽ نديم چانڊيو قتل ڪيو آھي جنهن افروز جو سڱ گهريو پئي، سڱ نه ملڻ تي کيس قتل ڪيو ويو آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن  ناري جي چاچي ڪريم چانڊيو چيو ته نديم چانڊيو زبردستي ڀائيٽيءَ جو سڱ گهريو هئو نه ڏيڻ تي ناري کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو آھي. هوڏانهن ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاھ به معاملو جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڄامشورو کي فڳري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي موجب ته شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته ناري جو سئوٽ افروز جو سڱ ڏيڻ لاءِ مٿن پريشر وجهي رهيو هيو   انڪار تي کيس قتل ڪيو ويوآهي.