ميرپورماٿيلو (ن پ ا )خانپور مھر جي واسي پيءُ پٽ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن ۽ گڏاڻي برادريءَ پاران ايس ايس پي گھوٽڪي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڪجھه عرصو اڳ نوجوان جمعدار گڏاڻي ۽ ڏيڍ مهينو پهرين قتل ٿي ويل محمد خان گڏاڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي الهرکيو، طارق، مصطفيٰ گڏاڻي ۽ ٻين چيو ته جوابدار لقمان، نظير، محرم ۽ جانو پتافي وارن پيءُ پٽ کي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو. عادلپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ھجڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو. وارثن صوبائي وزير عبدالباري پتافي ۽ سندس چاچي عبدالرب پتافي مٿان ڌر ٿيڻ ۽ ايس پي تنوير تنيو تي سندن ونگارو ھجڻ جو الزام هڻندي مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.