ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ فيڊرل بي ايريا ۾ پارڪ جي زمين تي قبضو ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڊائريڪٽر ڪچي آبادي کان جواب طلب ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي پارڪن ۽ راندين جي ميدانن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ فيڊرل بي ايريا ۾ پارڪ تي قبضو ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پنهنجن ريمارڪس ۾ چيو ته پهرين شهر جو هر ڪم ڪي ايم سي ڪندي هئي، ھاڻي ڪي ايم سي ۾ سفارشي ماڻهو ويٺل آهن، جيڪي ڪم نٿا ڪن، عدالت ڪچي آبادي کاتي کي ڌر بڻائڻ جي هدايت ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪچي آبادي جي ڊائريڪٽر کي طلب ڪري سمورن پارڪن ۽ راندين جي ميدانن جا  تفصيل گهري ورتا، ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته راند جي ميدانن جو ڪنٽرول ڪي ڊي اي ۽ ڪچي آبادي وٽ آهي، جڏهن ته ڪي ڊي اي عملدار ٻڌايو ته اسڪيم 16جي سمورن پارڪن ۽ ميدانن جو ڪنٽرول ڪي ايم سي حوالي آهي، جنھن تي جسٽس حسن اظهر رضوي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٻئي ادارا هڪ ٻئي تي ذميواري وجھي رھيا آھن، ڪير به پنھنجي ذميواري قبول ڪرڻ  لاءِ تيار ناهي، عدالت چيو ته ڪي ايم سي ھر گرائونڊ تي چار چار ڀتيون ٺھرائي ڇڏيون آھن، جنھن تي ڪي ڊي اي عملدار ٻڌايو ته سمورا پارڪ 1970ع ۾ ڪي ايم سي حوالي ڪيا ويا ھئا، عدالت چيو ته سنڌ ڪچي آبادي جڏهن پلاٽ ليز ڪري رهي هئي،  ان وقت درخواست گذار ڪيڏانھن ويا هئا، اڍائي سئو کان وڌيڪ گهرن کي ھاڻي ڪيئن ھٽايو وڃي؟ جنهن تي درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان جي درخواست 2014ع کان  التوا ھيٺ آهي.