حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن اجتماعي ۽ انفرادي طور پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتال ڪري مطالبا مڃڻ جي گهر ڪئي آهي. قاسم آباد جي علائقي شيدي ڳوٺ جي رهواسڻ ثمينا احتجاج ڪري گهر ڪئي آهي ته کيس بينظير انڪم سپورٽ مان ملندڙ رقم بحال ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته پئسا بند ٿيڻ جي ڪري سندس گذر سفر ڏکيو ٿي پيو آهي. * عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ ڀيل برادري جي ماڻهن کوکراپار ۾ علائقي جي بااثر شخص پاران زمين تي قبضي جي ڪوشش ۽ هڪ نوجوان کي پوليس جي مدد سان کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ عمرڪوٽ جي ڳوٺ بيجڙهيار جي رهواسڻ پريمان ڀيل ٻڌايو ته 27 سيپٽمبر تي هڪ بااثر شخص آچار هاليپوٽو پوليس ساڻ ڪري سندن گهرن ۾ ڪاهي پيو. ان دوران نوجوان تيلراج کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته سندس زمين تي قبضي جي ڪوشش کي روڪيو وڃي ۽ گم ڪيل نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.