ميرپور ساڪرو (ن پ ا)بلدياتي اليڪشن جون سرگرميون تيز ٽي پ پ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب خبرموجب  يونين ڪائونسل سمڪي تان آزاد اميدوار منيراحمد ٻروسر پ پ پ اميدوار رئيس قادربخش زنيگياڻي بلوچ جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو قادربخش زنيگياڻي بنا مقابلي يونين ڪائونسل سمڪي جو چئيرمين منتخب ٿيڻ جو امڪن آهي، جڏهن ته يوسي ٻھارا تان جي ڊي اي اميدوار عبدالرحمان ميربحر پ پ پ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي اميدوار حبدار شاه جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو حبدار شاهه جي به بنا مقابلي يوسي ٻھارا جو ميمبر ضلع ڪائونسل منتخب ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته يونين ڪائونسل چوبندي تان ارباب اصغر بڪيرو جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تان ھٿ کڻي ويو جنهن بعد پ پ اميدوار مولا بخش ٻٻر جي به بنامقابلي  ڪاميابي جا امڪان آهن، جڏهن ته پ پ ضلعي ترجمان سيد محمد عالم شاه بخاري سامهون يوسي چوبندي تي بيٺل يارمحمد لاشاري سندس حق ۾ ھٿ کڻي ويو.