غوثپور (ن پ ا) غوثپور ۾ اليڪشن دوران  بيلٽ پيپر ۽ عملي کي يرغمال ڪرڻ جو سرڪار جي فرياد تي دراني مهر ٿاڻي ۾ جي يو آءِ جي اٺ نامينٽ ڪاڪن ۽ 37 اڻسڃاتلن سميت 45 تي ڪيس داخل ڪيو ويو. مختيار ڀيو، غلام محمد، بشير، زاهد، لالو ڀيو کي جوابدار ڄاڻايو ويو، ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پولنگ اسٽيشن مان سامان چوري ڪري ايجنٽن کي يرغمال بڻايو ويو، يوسي ددڙ جي ضلعي ڪائونسل ميمبر ظفر ڀيو ۽ جي يو آءِ اميدوار محمد علي ڀيو رابطو ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته اليڪشن دوران پولنگ اسٽيشن تي ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو. هنن چيو ته هڪ طرف ايس ايس پي ڪشمور يوسي ددڙ جي ٽوڙي بنگلو  پولنگ تي لائيو وڊيو ذريعي دعوا ڪئي ته ڪو به واقعو پيش ناهي آيو.آءِ جي سنڌ به نجي ٽي وي جي  بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته ٽوڙي بنگلو واري علائقي ۾ اليڪشن جو ڪو به سامان چوري ناهي ٿيو  نه ئي وري ڪنهن عملي کي يرغمال بڻايو ويو.جي يو آءِ اميدوارن جو چوڻ هو ته ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيڻ کي انتقامي ڪارروائي سمجهون ٿا.