کهڙا (ن پ ا)کهڙا ٽائون وارڊ نمبر 6 جي هارايل اميدوار پاران آر او گمبٽ وٽ  ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست داخل، آر او 29 جون تي ٻيهر ڳڻپ لاءِ ڌرين کي طلب ڪري ورتو. خبر موجب کهڙا ٽائون ڪاميٽي وارڊ نمبر 6 تي پيپلزپارٽي جي هارايل اميدوار صدا حسين شاهه نتيجي کي چئلينج ڪندي رٽرننگ آفيسر گمبٽ وٽ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي، ان تي آر او گمبٽ 29 جون تي (اڄ) ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ پولنگ اسٽيشن نمبر 7 جي پرزائيدنگ آفيسر زبير احمد، پولنگ اسٽيشن نمبر 8 جي پرزائيدنگ آفيسر شمائلا،  غير سرڪاري نتيجن موجب ڪامياب ڄاڻايل جي ڊي اي جي اميدوار شاھريز مخدوم سميت وارڊ نمبر 6 جي مڙني اميدوارن ۽ سندن پولنگ ايجنٽن کي صبح جو 11 بجي طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته وارڊ نمبر 6 تي غير سرڪاري نتيجن موجب جي ڊي اي جو اميدوار شاھريز مخدوم 812 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو هو جڏهن ته پ پ جو اميدوار سيد صدا حسين شاهه 777 ووٽ کڻي هارائي ويو هو.