ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص جي صدر ميرپرويز ٽالپر، مسعود لغاري سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر مير نعيم ٽالپر پاران بار آفيس ۾ ميرپورخاص مان بدلي ٿي ويل معزز ججن ميڊم ڪنول ۽ شاهنواز نظاماڻي جي اعزاز ۾ فئيرويل پارٽي ۽ وڪيلن جي اعزاز ۾ عيد ملن پارٽي منعقد ڪئي ويئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن چيو ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ميرپورخاص کي تمام سٺا جج صاحبان مليا آهن جن جي ڪوششن سان عوام کي تڪڙو انصاف حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿي آهي ميرپورخاص جي معزز ججن ۽ بار ۾ عزت ۽ احترام جو رشتو قائم آهي جيڪو انشاالله هميشه قائم رهندو، تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ميرپورخاص طارق محمود کوسو بطور خاص مهمان موجود هو جڏهن ته فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ميڊم شگفتا اي ڪاڪا، سيڪنڊ جوشيشنل مئجسٽريٽ علي مري، سيڪنڊ سينئر سول جج علي بخش ٿيٻو، فيملي مئجسٽريٽ ونود ڪمار سميت ٻيا معزز جج ۽ بار جا سينئر توڙي جونئير وڪيل وڏي انگ موجود هئا.