ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سينٽرل ضلعي جي ڊائريڪٽر کي غير قانوني اڏاوتن بابت فهرست سميت طلب ڪري ورتو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سينٽرل ضلعي ۾ اڏيل غير قانوني عمارتن جي فهرست پيش ڪئي وڃي، عدالت بلڊنگ مالڪن خلاف ڪرمنل ۽ سول ڪيسن جا تفصيل به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته ايس بي سي اي طرفان غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي؟ ان حوالي سان به ٻڌايو وڃي، عدالت ايس بي سي اي حڪم ڏيندي چيو ته لياقت آباد، فيڊرل بي ايريا، نارٿ ناظم آباد، فردوس ڪالوني، رضويه سوسائٽي، نارٿ ڪراچي، بفرزون ۽ ڪراچي زو (چڙيا گهر ) جي علائقن ۾ ڪيل غير قانوني اڏاوتن جا تفصيل ٻن مهينن اندر پيش ڪيا وڃن.