ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري اڳوڻي بينڪ مينيجر صلاح الدين کي 8 ڪروڙ رپين جا پرائيز (انعامي) بانڊ ڦٻائڻ جي ڏوهه ۾ نيب ڪورٽ پاران ٻڌايل سزا خلاف داخل ڪيل اپيل تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت جوابدار پاران جيل ۾ گذاريل وقت بابت جيل اختيارين کان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي. نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار 8 ڪروڙ بانڊن جي غلط انٽري ڪري رقم پاڻ استعمال ڪئي. واضح رهي ته نيب ڪورٽ صلاح الدين کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.