ميرپورخاص (ڪورٽ رپورٽ) ٽنڊو جان محمد واسڻ ڦولي ميگھواڙ جي مبينا اغوا واري ڪيس ۾ جوابدار واصق آرائين پاران داخل ڪرايل ھراسمينٽ جي درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي آهي، 6 ڏينھن اڳ 16 ورھين جي ڦولي ميگھواڙ کي 4 جوابدارن گھران مبينا طور اغوا ڪري ويا ھئا، جنھن بعد جوابدار واصق آرائين ڪيس کان بچڻ لاء درخواست ڪرائي ھئي، جڏھن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد عدالتي ڪارروائي سبب وڪيل درخواست تان ھٿ کڻي ڇڏيا، جنھن بعد عدالت درخواست رد ڪئي، ھوڏانھن مبينا طوراغوا ٿيل ڦولي ميگھواڙ اڃا تائين بازياب نه ٿي سگھي، ۽ وارث سراپا احتجاج آھن، ٻئي پاسي 4 جوابدارن تي نينگري جي والد پاران ڪيس داخل ڪرڻ باوجود پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي، جڏھن ته وارثن پوليس تي ونگار وھڻ جا الزام ھڻي رھيا آھن، سندن چوڻ آھي ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رھي آھي ته جئين اھي عدالت مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪري سگھن، جڏھن ته فريادي ڌر جي ڪيس جي پيروي وڪيل رفيق ڀيو پيروي ڪري رھيو آھي.