ميرپورخاص ۾ مستاني ناري سان زيادتي جو انڪشاف

0
170

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي پوسٽ آفيس چوڪ واري علائقي ۾ ٽائر پنڪچر جي دڪان مالڪ آصف آرائين پاران گونگي مستاني ناري سان دڪان آڏو رات جو دير سان رڪشا ۾ زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، اھڙي شڪايت تي جوابدار کي ٽائون پوليس گرفتار ڪري وومين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جتي مستاني ناري جي وارثن کي گھرائي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.