سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران عوامي رابطا مهم جي ٽئين مرحلي جي شيڊول جو اعلان!

0
195

ڄامشورو: سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ بحريا ٽائون سميت سنڌ دشمن رٿائن خلاف جدوجهد جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران عوامي رابطا مهم جو ٽيون مرحلو 31 جولائي کان سانگهڙ مان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ويو ته 31 جولائي کان سانگهڙ، ٽنڊو آدم، شهدادپور ۽ شاهپورچاڪر ۾ ريليون ڪڍيون وينديون، پهرين آگسٽ تي دوڙ، ٻانڌي، قاضي احمد ۽ سڪرنڊ ۾ جلسا ڪيا ويندا. 2 آگسٽ تي نواب ولي محمد، دولتپور، شاھپورجهانيان ۽ مورو ۾ جلسا ڪوٺايا ويندا. 7 آگسٽ تي نوابشاهه شهر عام جلسو ڪوٺايو ويندو. ايس يو پي جي سربراه جلال محمود شاهه چيو ته افغان ويڙهه ۾ متاثر ٿيل افغانين کي خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان سرحد تي روڪي کين اتي ڪئمپن ۾ رهايو وڃي. سنڌ ۾ رهندڙ لکين افغانين ۽ غيرملڪين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي. سنڌ حڪومت ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي آهي، هاڻي ته ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جا مائٽ منشيات وڪرو ڪري رهيا آهن. سي آئي اي پوليس ڄامشورو جو انچارج سرور راهپوٽو ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جو ڀاءُ آهي، کيس بچايو ويندو. جسم اڳواڻ رياض چانڊئي چيو ته افغانستان کان ايندڙ افغانستانين کي بارڊر تي روڪيو وڃي، اڄ کان ڏهه سال اڳ سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو هو ته ڌارين کي پنهنجي ڏيھ نيڪالي ڏني وڃي، ڏه سال گذرڻ باوجود سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ناهي ڪيو ويو.