ميرپورخاص(بيورورپورٽ) شهري ايڪشن فورم پاران شهر ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ  لوڊشيڊنگ خلاف ريلي ڪڍي  مارڪيٽ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  عدنان خرم، مولانا محمد صادق سعيدي، ڪامران ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته   شهر ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ تي چونڊيل نمائندن جي خاموشي سواليه نشان آهي،بدترين لوڊشيڊنگ سبب واپاري توڙي شهري  پريشان آهن نوٽيس ورتو وڃي.