بدين (رپورٽر ) بدين ۾ فشر فوڪ فورم پاران سوين ماهيگير عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پاران مرڪزي چيئرمين سيد مھراڻ شاھ، سيد ياسمين شاھ، ضلعي صدر حاجي نبي بخش ملاح جي اڳواڻي ۾ ڊي سي او چوڪ بدين کان ايوان صحافت تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بدين ضلعي جي ڪيترن ئي ڍنڍن ڍورن تي وڏيرن جا قبضا آهن، غريب مھاڻا روزگار کان محروم آهن. فيڪٽرين جي ڪيميڪل وارو  پاڻي ڇڏڻ جي ڪري مڇي جي نسل ڪشي ٿي رھي آھي ۽ سمنڊ هزارين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي چڪو آهي، پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ هئڻ ڪري مهاڻا پريشان آهن. اڳواڻن جو چوڻ هو ته انڊيا ۾ ڪيترائي ماھيگير جيلن ۾ سڙي رهيا آهن، حڪومت کي انهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. هنن چيو ته ڪجهه ماڻهو فشر فوڪ فورم ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪي پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ٿيندا.