تلهار (ن پ ا) بااثر ٻن سوزوڪين ۾ سوار ماڻهن بسترا ۽ کٽون کڻي ٽائون آفيسر جي بند پيل رهائش گاهه تي قبضي جي نيت سان پهتا ته اهڙو اطلاع ٽائون آفيسر کي ڏنو ويو، ٽائون جا ملازم اماڻي عمارت کي قبضو ٿيڻ کان بچائي ورتو. ٽائون آفيسر همايون جوکيو ٻڌايو ته ڊي سي بدين سان رابطو ڪري ان کي آگاهه ڪيو آھي.ايس ايس پي بدين ۽ رينجرز جي آفيسرن کي پڻ اطلاع ڏنو آهي، سرڪاري ملڪيتن جي مالڪي ضرور ڪنداسين،  ايس ايڇ او تلهار پاران تعاون ناهي ڪيو ويو.