ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ جھلوري واري علائقي مان 2 مھينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پاڪ فوج جو حاضر سروس اھلڪار محمد عاصم ميوو راجپوت کي ميرپور خاص پوليس ڪراچي مان سڪيورٽي طور نوڪري ڪندي ھٿ ڪري ورتو آهي، محمد عاصم راجپوت موڪل تي گھر آيل ھو، جتان موڪلون ختم ٿيڻ بعد ڊيوٽي تي وڃڻ دوران پراسرار نموني گم ٿي ويو ھو، سندس والد پوليس اھلڪار ھاشم ميوو راجپوت سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي نامعلوم ماڻهن مٿان اغوا ۽ قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو ھو، سي آءِ اي پوليس جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي جوان کي ڪنھن به اغوا نه ڪيو هو، ڊرامو ڪري پنھنجو نمبر بند ڪري ڪراچي ۾ ھڪ نجي سڪيورٽي ڪمپني ۾ سيڪورٽي گارڊ طور نوڪري ڪري رهيو هو، پوليس موجب اهلڪار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.