شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ ۽ نادرا عملدار وچ ۾ تڪرار تيز، عدالت ڪيس داخل ڪرائڻ واري نادرا جي درخواست رد ڪري ڇڏي، خبر موجب شھدادپور جي نادرا انچارج شاهنواز چاچڙ پاران سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ سبحاني ڏاهري ۽ سندس مڙس دائود ڏاهري تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڏنل 22 اي جي داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جتي درخواستگذار چيو ته سبحاني ڏاهري ۽ دائود ڏاهري نادرا آفيس جا شيشا ٽوڙيا، منع ڪرڻ تان عملي سان منهن ماري ڪري گارڊ اسلم سمون کي ڌڪ هنيا، مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل سبحاني ڏاهري ۽ دائود ڏاهري جي وڪيل بابر لاشاري دليل ڏنا ته نادرا عملدارن تي اڳ ئي بداخلاقي ۽ تشدد ڪرڻ جو ڪيس داخل آهي، درخواستگذار شاهنواز چاچڙ خود ڪيس ۾ نامزد آهي، نادرا عملو ڪيس تان هٿ کڻائڻ خاطر متاثرن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ درخواست ڏني آهي، عدالت ٻنهي ڌرين جي دليلن بعد نادرا عملدار جي ڏنل درخواست رد ڪري ڇڏي، ياد رهي ته سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ سبحاني ڏاهري ۽ سندس مڙس سان بدتميزي ڪرڻ جي الزام هيٺ نادرا عملدارن شاهنواز چاچڙ، نديم چاچڙ ۽ غلام مصطفيٰ لاکو تي ڪيس داخل ٿيل آهي.