ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار شهر جي نصرپور ڦاٽڪ ويجهو پٽڙيون ڪراس ڪندي 20 ورهين جو نوجوان مزمل ميرپورخاص کان ڪراچي ويندڙ شاھ لطيف ٽرين هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، علائقي واسين نوجوان جي لاش کي کڻي سول اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.