پنگريو (ن پ ا) لاڙ جي لعل سيد سمن سرڪار جي ميلي جون تقريبون جاري، ميلي  ۾  راڳ رنگ ٿيو، جنھن ۾ ناليواري فنڪارا ثريا سومرو، ننڍو عرس ۽ ٻين سرن جي ورکا ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھزارين عقيدت مند ڪڪڙن جي نذرانن سان سان درگاهه تي پھچي دعائون گھريون،  ٻي طرف ميلي دوران  ملھه راند جا مقابلا ٿيا، جنھن ۾ پھرين جوڙ جي پھلوانن غلام حسين پٺاڻ ۽ نويد جٽ ،  اصغر ھاليپوٽو ۽ محمد مري ،الھجڙيو نوھاڻي ۽  لالو لاشاري ۾ سخت مقابلا ٿيا، پھلوانن  مخالفن کي دسي سرسي حاصل ڪري خوب داد حاصل ڪيو.