ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص جي صدارت هيٺ منعقد ٿيندڙ مينگو فيسٽول مئنيجنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته انبن جي باغن  کي پاڻي گھٽ ملڻ جي ڪري انبن جي فصل ۽ معيار تي اثر پوڻ، ضلعي جي انتظاميا ۽ آبادگارن جو بلدياتي چونڊن جي سرگرمين ۾ مصروف هجڻ ۽ سنڌ حڪومت پاران هيٽ ويو جي وارننگ جاري ٿيڻ سبب مينگو فيسٽول 2022 ملتوي ڪيو وڃي ٿو ۽ ايندڙ سال وڌيڪ بهتر انداز ۾ مينگو فيسٽول منعقد ڪيو ويندو، اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون زين العابدين، عمر ٻگھيو، منصور چيمه، ڪريم ميمڻ سميت لاڳاپيل ڪامورن ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي.