ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ منگلي ٿاڻي جي حد ۾ چوٽياري ڊيم جي اندر ۽ ٻاھران وڻن جي واڍي جوعمل پابندي باوجود رڪجي نه سگهيو، وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن  پھچي  ڪاٺ جي واڍي روڪرائي ڇڏي، ان ڏس ۾ وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته ڪاٺ سان ڀريل ٽرالر ھٿ ڪري  منگلي پوليس حوالي ڪيا پر منگلي  پوليس ڪاٺ سان ڀريل ٽراليون ھٿ سان فرار ڪرائي ڇڏيون آھن،  پوليس وڻن جي واڍي روڪائڻ ۾ ڪا به مدد نه پئي ڪري، وائلڊ لائف ڊويزن انچارج اسد مري موجب ته چوٽياري ڊيم اندر وڻ فانا فلورا جي تحفظ لاءِ وڏو ذريعو آهن، وڻ وڍي ڪرائي قدرتي  ماحول کي ھٿ سان  نقصان پهچايو پيو وڃي.