ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 142000 رپين جو ٿي ويو، ڊالر202.5 رپين تي بيٺل، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1900 رپيا واڌ سان 140100 مان 142000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا اضافي سان 1470 مان 1480 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 202.5 رپين تي برقرار رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 79 پئسا واڌ سان 200.93 رپين تي پهتو، هوڏانهن  پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 248.5 مان 249.5  رپين تي پهتو، جڏهن ته يورو هڪ رپيو واڌ سان 206 مان 207 رپين جو ٿي ويو، ٻئي طرف  ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي  رهي، ڪالهه 100 انڊيڪس ۾ 500 پوائنٽن جي لاٿ آئي، ٻئي طرف  معاشي ماهرن موجب آءِ ايم ايف  ڊيل بعد ڊالر سستو ٿيڻ شروع ٿي ويندو، جڏهن ته 10 جون تي وفاقي بجيٽ پيش بعد ڊالر 190 کان 195 رپين جي وچ ۾ پهچندو