شھدادڪوٽ ( رپورٽر  ) شهدادڪوٽ ۾ صحافين ذوالفقار سيلرو، ايم اسحاق بوزدار،  نعمان غوري، اسد کوسو، طالب حسين ڪارڙو احتجاج ڪندي چيو ته ايس ايچ او اي سيڪشن علي انور بروھي سنڌ پريس ڪلب جي سينئر نائب صدر زيب سنڌي  کي ٿاڻي تي گهرائي تشدد جو نشانو بڻايو، اهڙي عمل جي مذمت ڪيون ٿا تحفظ فراھم  ڪري صحافين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ھوڏانھن ايس ايڇ او اي سيڪشن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته صحافي زيب سنڌي مٿان تشدد ناهي ڪيو، الزام بي بنياد آهن.