ميروخان (ن پ ا ) ميروخان ۾ ٽائون ملازمن ڊسمبر مهيني جي پگهار مان ڪٽوتي ڪرڻ ۽ گذريل سال جي فيبروري مهيني جي رهيل پگهار نه ملڻ خلاف ٽائون آفيس اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. مير حسن اسومرو، خالد سومرو، حميد سولنگي، بخت ڪلهوڙو، وسيم تونيو، انصاف لڪ ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ايڊمنسٽريٽر آغا شاهد پٺاڻ، ٽائون آفيسر امداد حسين کوکر ۽ آفيس جي ڪلارڪن جي ملي ڀڳت سان پگهار مان ڪٽوتي ڪري ظلم ڪيو آهي،  ان کان علاوه فيبروري مهيني جي رهيل پگهار به ايڊمنسٽريٽر آغا شاهد پٺاڻ ۽ ٽائون آفيسر امداد حسين کوکر ۽ ڪلارڪن من پسند ملازمن کي ڏني آهي. هنن الزام لڳايو ته ٽائون آفيس جي اڪائونٽ مان 35 لک جو گهپلو هنيو ويو آهي. ملازمن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پگهارن مان ڪٽوتي ڪيل رقم ۽ رهيل پگهار ڏياري انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.