سکر (بيورو رپورٽ) مڪاني اداري ۾ ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ وارو ڪيس جي ٻڌڻي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي سنڌ اندر مڪاني کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازم جي تعداد ۽ خالي جاين بابت رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نارو تعلقي جي ڪچن ملازمن نواب علي جاگيراڻي ۽ ٻين طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مڪاني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ 30 کان وڌيڪ ڪچن ملازمن کي پڪو نه پيو ڪيو وڃي. ان تي عدالت مڪاني اداري جي صوبائي سيڪريٽري کي سنڌ اندر ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ خالي جاين بابت سمورو رڪارڊ پهرين فيبروريءَ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.