دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور صفن ويجھو ڪچي جي علائقي سان تعلق رکندڙ  ڳوٺ محمد اسماعيل ڀنڊ جي نيڪ مرد الله بخش ڀنڊ ۽ سندس ڀائرن، پٽن ۽ ڀاڻيجن عارب ڀنڊ، الھه جڙيو ڀنڊ، بخشڻ خان ڀنڊ، اختر حسين ڀنڊ، صابر حسين ڀنڊ، حاجي  نواز ڀنڊ، الھه بچايو ڀنڊ، يوسف ڀنڊ، نظير ڀنڊ ۽ وزير ڀنڊ سميت 25 ڄڻن کي دولتپور جي عدالت پوليس اسٽيشن مرزاپور تي داخل ڪيل مختلف نوعيت جي 4 ڪيسن مان باعزت بري ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان الهه بخش ڀنڊ ۽ بخشڻ ڀنڊ چيو ته سندن مٿان برادري جي ماڻهن مختلف وقتن تي ڪيسن  داخل ڪرايا ھئا، جن مان عدالت بري ڪيو.