پيرولاشاري (ن پ ا) ميرواھ، تلھار، مورجھر شاخ، مغل شاخ، چانري شاخ ۽ ٻين واھن ۾ گذريل ٽن مھينن کان پاڻي نه آيو، جنھن سبب سارين جو ٻيجارو، ڪمند، مرچ جا فصل نه پوکجي سگھيا. پاڻيءَ جي لڳاتار اڻاٺ سبب چوپايو مال اڃ مرڻ لڳو. مقامي آبادگارن شوڪت خواجه، عظمت گجر، امداد شاھ، نور محمد ملاح ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو گذر سفر صرف زراعت تي آھي، پاڻيءَ جي کوٽ سبب فصل نه پوکي سگھيا آھيون. سارين جي ٻيجاري جي پوکيءَ جو وقت گذرندو پيو وڃي. موجوده پ پ حڪومت هٿرادو وارابنديءَ ذريعي ضلعي بدين کي تباھ ڪرڻ چاھي ٿي. ھنن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ڄاڻايل واهن ۾ فوري طور پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن فصلن جي پوکائي ٿي سگهي.