پيروسڻ (ن پ ا) علي بحرواھ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب سوين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. آبادگارن ۽ ھارين گل محمد سومرو،اوشاق علي چانڊيو، حاجي غلام رسول عامر، پيراڻو خان مجيداڻو، زنوار غلام قمبر چانڊيو، عاشق حسين راڄپر، حيدر بخش راڄپر، حيدربخش عامر، منير احمد موجائي ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪيترن ئي ڳوٺن جا رھاڪو ڪراچي لڏپلاڻ ڪري ھليا ويا آھن جتي ھُو مزوري ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي معصوم ٻچڙن جي پيٽ جو گذر سفر ڪن ٿا،اسان پاڻيءَ نه ھجڻ ڪري بُکَ ۽ بدحاليءَ سبب پنھنجن ٻارڙن کي نه سٺي تعليم ڏياري سگھون ٿا ۽ نه ئي وري سٺا ڪپڙا، نه سٺو علاج ڪرائي سگھون ٿا. ايريگيشن انجنئير شرف الدين ٻانڀڻ پنهنجي اخبار سان رابطي ڪرڻ تي پنھنجو موقف ڏيندي ٻڌايو ته مُنَڍَ ۾ ڪيلي ۽ ڪمندَ جو فصلُ تمام گھڻو آھي ان ڪري پاڻيءَ جي ضرورت به کين وڌيڪ پوي ٿي ۽ نون واٽر ڪورسن سميت جھٽن،لفٽ مشين وسيلي پاڻي چورائڻ کوٽ جا اھم سبب آھن، پاڻيءَ چورن خلاف جلد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، علي بحرواھ کي لائينگ جي سخت ضرورت آھي ته جيئن پاڻي پڇڙيءَ تائين آساني سان پھچي سگھي.