ماتلي (ن پ ا) ماتليءَ ۾ عيد خريداري زور نه ورتو، ڪاروباري طبقو پريشان، ڪورونا سبب سمارٽ لاڪ ڊائون عيد جون خوشيون کسي ورتيون. رمضان جي ڀلاري مھيني جا 20 روزا گذرڻ باوجود ماتليءَ جي شاھي بازار جا دڪاندار عيد جي خريداري نه ٿيڻ سبب سخت پريشاني ۾ ورتل آهن. ڪپڙن، ڪاسميٽڪس ۽ جوتن جي دڪان تي خريدارن جي رش نه ٿي سگهي آهي. رمضان جو ڀلارو مھينو شروع ٿيندي ئي حڪومت طرفان ڪاروبار جو وقت صبح کان شام 6 وڳي تائين مقرر ڪرڻ ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪاروباري طبقي کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته مھانگائي ايتري وڌي ويئي آھي جو ڪپڙن ۽ جوتن جي خريداري غريبن جي وس ۾ نه رهي آهي. ٻئي طرف ڪورونا ايمرجنسي سبب ٿيل بيروزگاريءَ جي ڪري ڪاروبار تي وڏو اثر پيو آھي. غريب ڏينھن ڏينھن غربت جي چڪي ۾ پيڙھجي رھيو آھي. حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آھي. شهرين حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته رمضان ڀلاري مھيني ۾ واپاري طبقي کي ڪاروبار جي مڪمل اجازت ڏني وڃي ته جيئن ھو پيٽ گذر ڪري سگھن.