ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته سنڌ جي هارين سان ظلم ۽ زيادتين جي انتها ڪئي ويئي آهي ، حڪمرانن کي قومي ۽ صوبائي اسميبلين مان هارين جي حقن ڏيارڻ لاءِ قانون سازي ذريعي ان تي عمل ڪرائڻ گهرجي ، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي ويجهو ڳوٺ ونگائي مهيري ۾ سنڌ جي ناليواري جهوني دانشور، اديب، شاعر، صحافي مخمور مهيري جي وفات سلسلي ۾ سندس فرزند محمد علي مهيري ۽ ٻين سان عذرخواهي ڪرڻ بعد ٽنڊو محمد خان ۾ پريس ڪانفرنس ۽ مختلف ڳوٺن ۾ هارين سان ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو ، هن چيو ته سنڌ جي هارين کي زميندار پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي کين غلامي کان به وڌيڪ بدتر زندگي گهارڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، مويا جي هاري اڳواڻن تي سندن زرعي زمين هجڻ باوجود قبضي ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي کين دهشتگردي ايڪٽ ۾ دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي، سنڌ جي هارين کي پنهنجي زرعي زمينن تان بي دخل ڪري غيرقانوني قبضا ڪيا وڃن پيا، بحريا ٽائون ۾ اصل قديمي سنڌين کي پنهنجي ڳوٺن مان بي گهر ڪرڻ لاءِ ڳوٺ وسنديون، خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي جنهن ۾ قديم سنڌي وسندين کي ڊاهي مسمار ڪرڻ وارا واقعا پيش ڪري سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو ويو آهي ، سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ڀرپور احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو .