ماتلي (ن پ ا) ماتليءَ ويجھو ڳوٺ ڌارشي پٽيل ۾ زھريلو گاھ کائڻ سبب غريب ھاري لالو ٺاڪر جا 5 ڍور مري ويا. ڀاڳئي لالو ٺاڪر موجب ھن ٻنيءَ مان گاھ لڻي مال کي ڏنو، جيڪو کائڻ کان پوءِ ھڪ ڪلاڪ اندر وقفي وقفي سان ھڪ مينهن، 2 ڍڳا ۽ 2 پاڏا مري ويا. جڏھن ته ڪجهه ٻيا جانور بيمار به ٿي پيا آھن. واقعي کانـپوءِ وٽرنري ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ پھچي بيمار جانورن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي ته زھريلو گاھ کائڻ سبب واقعو پيش آيو آھي .