مٽياري (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ مرڪزي ايڊيشنل سيڪريٽري انصاف ويلفيئر ونگ سيد اظهار الحسن قادري مٽیاري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ پاران وزيراعظم عمران خان مٿان لڳايل الزام ڪوڙ تي ٻڌل آهن، بشير ميمڻ نواز ليگ جي قيادت کي خوش ڪرڻ لاءِ اھڙا بيان ڏئي عمران خان جي ساک خراب ڪرڻ چاهي ٿو، پر پاڪستان جو عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته عمران خان هميشه هن ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته بشير ميمڻ نواز ليگ جو مهرو نه ٿئي سندس باقي بچيل ساک به خراب ٿي ويندي عمران خان پنهنجي سياسي ڪيريئر توڙي اليڪشن مهم ئي ان بياني تي شروع ڪئي ھئي ته ملڪ جي سرڪاري ادارن مان حڪومتي مداخلت ختم ڪئي وڃي پوءِ هو پنهنجي مخالفن خلاف ان قسم جون ڪارروايون ڪيئن ڪري سگهي ٿو انشاء الله جلد ملڪ مان ڪرپشن جو مڪمل خاتمو اچي ويندو ۽ هاڻي ملڪ ترقي جي راهه طرف گامزن ٿيندو.