حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪڻڪ جو هٿرادو بحران ختم نه ٿيو، ڪڻڪ جا اگهه وڌڻ بعد اٽي جا اگهه وڌي ويا، اٽي چڪي اونرز ايسوسيئيشن ڪڻڪ جي بحران ۽ اگهه وڌڻ و ذميوار ضلعي انتظاميا ۽ خوراڪ کاتي کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ اٽي چڪي اونرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن حاجي محمد ميمڻ، عبدالفاروق راٺوڙ، حاجي نجم الدين چوهاڻ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت ۽ خوراڪ کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته اٽي چڪين ۽ ڪڻڪ جي گودامن تي غير قانوني ڇاپن ۽ انهن کي سيل ڪرڻ وارو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. هنن چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 3 سالن کان ڪڻڪ جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي. هلندڙ سال جي 2 مهينن دوران سو ڪلو واري ڪڻڪ جي ٻوري تي 850 رپين جو اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي 100 ڪلو واري ٻوري 5 هزار 370 رپين تائين پهچڻ جي ذميوار ضلعي انتظاميا آهي ڇاڪاڻ ته انتظاميا ضلعي بندي جو جواز ڄاڻائي ڪڻڪ جو هٿ سان بحران پيدا ڪيو آهي. هنن چيو ته حڪومت ڪڻڪ جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده نه آهي جنهن ڪري هن سال به اٽي جا اگهه تيزي سان وڌندا. هنن چيو ته انتظاميا 49 رپيا في ڪلو ڪڻڪ جو اگهه مقرر ڪيو جيڪو هن وقت 54 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪڻڪ جي پيسائي تي اٽي چڪي مالڪن جو في ڪلو تي ساڍا 14 رپيا خرچ اچي ٿو جنهن کانپوءِ ضلعي انتظاميا پاران اٽي جو هول سيل في ڪلو اگهه 58 رپيا ۽ ريزڪي 60 رپيا مقرر ڪرڻ اٽي چڪي مالڪن سان سراسر ناانصافي آهي. هنن چيو ته 68 رپيا في ڪلو اٽو کين چڪي تي پئي ٿو اهو هو 60 رپين جي حساب سان ڪيئن وڪرو ڪن. پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن چيو ته انتظاميا اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو مصنوعي بحران ختم ڪرائڻ ۽ ڪڻڪ جي اگهه تي ضابطو آڻڻ بدران اٽي چڪي مالڪن خلاف ڪاررواين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. تازو فوڊ انسپيڪٽر نعمان قريشي رحيم اٽي چڪي تي اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ رکيل ڪڻڪ واري گودام کي ناجائز طور پنهنجو تالو هڻي هليو ويو آهي جنهن سبب اٽي چڪي مالڪن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. هنن خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته سندن خلاف ڪارروايون ڪرڻ بدران اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه وڌائيندڙ واپارين ۽ ڪڻڪ اسٽاڪ ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ هو احتجاج ڪندا.