اسلام آباد (بيورورپورٽ) اسلام آباد جي عدالت بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس جي ٽنهي جوابدارن کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جج عطا رباني بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندن حاضري لڳائي واپس اماڻيو ويو. ان کانپوءِ عدالت بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ڪيس ۾ نامزد ٽنهي جوابدارن راجا ارشد، نعمان کوکر ۽ هاشم کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي. جوابدارن کي حملو ڪرڻ جي ڪيس ۾ 18 سال قيد جي سزا به ڏني وئي آهي هو وارثن کي 5-5 لک رپيا ڏنڊ سان گڏ مجموعي طور تي 6 لک 10 هزار رپيا ڏنڊ به ادا ڪندا. واضح رهي ته 2016 ۾ 14 ۽ 15 آگسٽ جي وچ واري رات بئريسٽر فهد ملڪ کي اسلام آباد ۾ قتل ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ 4 اکين ڏٺن شاهدن ڪيس ۾ نامزد ٽنهي جوابدارن خلاف بيان ڏنو هو. ڪيس جي فارنزڪ رپورٽ ۾ قتل ۾ استعمال ٿيل ڪلاشنڪوف ۽ واقعي واري هنڌ تان مليل گولين جا خول به ميچ ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ڪيس جي مرڪزي جوابدار راجا ارشد کي ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ طورخم بارڊر کان گرفتار ڪيو ويو هو. ياد رهي ته فهد ملڪ پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد ميان سومرو جو ڀاڻيجو هو. فهد ملڪ جي ڀاءُ اعلان ڪيو آهي ته هو جوابدارن کي موت جي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪيس جو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندو.