جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالغني کوسو) محمد ميان سومرو جي ڀيڻ مقتول بئريسٽر فهد ملڪ جي امڙ مليحه ملڪ اسلام آباد سيشن ڪورٽ جي فيصلي تي عدم اعتماد ظاهر ڪندي چيو آهي ته منهنجي پٽ فهد ملڪ جي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي جيڪا گهٽ آهي ڇو ته جوابدار ارشد منهنجي پٽ کي ٿاڻي اندر قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڪيس ۾ نامزد ٿيل ٻن ٻين جوابدارن کي گهرائي منهنجي پٽ کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ڪيس ۾ مک جوابدار راجه ارشد کي ڦاهي تي چاڙهڻ جي سزا ٻڌائي وڃي ها پر ايئن نه ٿيو هن چيو ته سيشن ڪورٽ جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي انصاف ملڻ تائين سپريم ڪورٽ وڃڻو پيو ته ويندس هن چيو ته شاهزيب جي قتل به دهشتگردي هئي پر ان جي وارثن تي پريشر وڌو ويو جيڪي ٺاهه ڪري ٻاهرين ملڪ هليا ويا پر مون پنهنجي پٽ جي ڪيس جي پيروي ڪئي ان باوجود به انصاف نه ملي سگهيو آهي.