ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سگا ۾ اختلافن بعد چيئرپرسن مهتاب اڪبرراشدي جي ڏنل استيعفا منظور ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت سينٽرل ڪاميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اجلاس جي جاري ڪيل ايجنڊا ۾ چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي ۽ سينٽرل ڪاميٽي جي ميمبر پروفيسر سليم ميمڻ جي ڏنل استعيفائن جي منظوري بابت فيصلو ٿيندو، ذريعن موجب سگا جي باني چيئرمين سليمان شيخ  ۽ ٻين اڳواڻن مهتاب اڪبر راشدي سان رابطا ڪري کيس استعيفا واپس وٺڻ لاءِ چيو آهي، ذريعن موجب امڪان آهي ته سڀاڻي واري اجلاس ۾ ٻنهي  جون استعيفائون منظور نه ٿينديون، هوڏانهن سنڌ گريجويٽس ايسوسيئشن جي سيڪريٽري ولي محمد روشن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته سينٽرل ڪاميٽي جي 16 آڪٽوبر واري اجلاس جي حوالي سان سگا ۾ انتظامي اختلافن بابت خبرن  جي سختي سان ترديد ڪئي وڃي ٿي  بيان موجب سگا جي چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي جي  اجلاس مان هليو وڃڻ کي پڻ غلط رنگ ڏنو ويو، جيڪو مڪمل تنظيمي معاملو هو. سگا وٽ مڪمل ۽ مستحڪم مالي انتظام موجود آهي،  سگا جي ننڍي انتظامي مسئلي کي اخباري خبرن ذريعي غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، سيڪريٽري سڀني ساٿين ۽ صحافين کي اپيل ڪئي ته سگا جي ذميوار قيادت کان تصديق ڪرڻ کانسواءِ ڪا خبر شايع نه ڪن