مٺي روٽ تي هلندڙ هڪ ئي بس 6 ڀيرا حادثن جو شڪار: 21 مسافر اجل جو شڪار ٿيا

0
330
مٺي روٽ تي هلندڙ هڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مٺي روٽ تي هلندڙ هڪ ئي بس 6 ڀيرا حادثن جو شڪار ٿيڻ جي نتيجي ۾ 21 مسافرن جون قيمتي حياتيون ضايع ٿي ويون

وڏي وزير جي انساني حقن بابت خصوصي معاون سريندر ولاسائي معاملي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

سريندر ولاسائي ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي خط لکي چيو آهي ته بس جي مالڪ ۽ ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

هن پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته سوشل ميڊيا رپورٽن موجب بس نمبر بي ايس اي 784 جي ڊرائيور عبدالله جي ڪري مبينا طور 6 ڀيرا حادثا ٿي چڪا آهن ۽ انهن حادثن ۾ 21 مسافرن جون قيمتي حياتيون ضايع ٿي ويون

سريندر ولاسائي پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ڄاڻايل بس جو گذريل هفتي پڻ هڪ حادثو ٿيو هو جنهن ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا هئا

سريندر ولاسائي اختيارين کي چيو ته جيڪڏهن پڇاڻو نه ڪيو ويو ته اها بس، ان جو مالڪ ۽ ڊرائيور مسافرن ۽ واٽهڙن جي زندگين سان کيڏندا رهنداعمرڪوٽ لڳ 2 ڪارون ٽڪرائجي

هن چيو حيرت آهي ته ٽرانسپورٽ ۽ پوليس کاتي توڙي انهن جي ماتحت عملي پاران اهڙي سنگين معاملي تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي

نه ڪڏهن بس کي ضبط ڪيو ويو ۽ نه ئي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو، ٽرانسپورٽ کاتي بس جي مالڪ کي اها بس ساڳي ڊرائيور کي ڏيڻ کان به نه روڪيو

سريندر ولاسائي چيو ته اهڙي لاپرواهي نه رڳو مجرماڻي غفلت آهي پر مسافرن جي انساني حقن جي به سنگين ڀڃڪڙي به آهي،  مسافرن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ٽرانسپورٽرن جي بنيادي ذميواري آهي

سريندر ولاسائي چيو ته  لاپرواهه ڊرائيور کي بنادير گرفتار ڪري بس ضبط ۽ بس مالڪ جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

مانجهند حادثو: ٽرڪ ۽ ڪوچ ڊرائيورن خلاف ڪيس داخل