حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ مٽياري موٽروي ميگا ڪرپشن خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل حسين وڪيل نورالحق قريشي معرفت پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن ۾ هن ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ سندس ايم پي اي پٽ محبوب الزمان سميت 22 ڄڻن کي ڌر بڻايو آهي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻن مخدوم فضل حسين ۽ مخدوم محسن ايم اين اي ۽ ايم پي اي تي سنگين الزام هڻندي چيو ته ڄاڻايل منصوبي ۾ ھڪ ارب کان وڌيڪ مخدوم جميل الزمان ۽ سندس پٽ محبوب الزمان ورتا هئا پر ڪرپشن واري ڪيس ۾ سندن نالا نامزد ئي نه ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته ٻئي ڄڻا مني لانڊرنگ ڪن ٿا. سندن فرنٽ مين به ڪيس ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت ڪرائي ڇڏي آھي جڏهن ته کين اينٽي ڪرپشن پوليس بچائڻ چاهي ٿي ان لاءِ معاملي جي جاچ نيب کان ڪرائي ٻنهي ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري کين نااھل قرار ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته ٻئي ڄڻا فرار ٿيڻ جي ڪوشش پيا ڪن. هنن چيو ته ايم 6 موٽروي ۾ هيستائين رڳو فرضي ماڻهن خلاف ايڪشن ٿيو آهي جڏهن ته اصل جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناھي ڪئي وئي. منصوبي ۾ 2 ارب 14 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ٿي آھي. 17 آڪٽوبر تي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ھڪ ڏينھن ۾ رليز ڪرائي وئي. جھڙي طرح کين ڪروڙين رپيا مليا انھن اها رقم ڪراچي ٽرانسفر ڪري ڇڏي ۽ سڀني کي خبر آهي ته انهن 40 ڪروڙ واپس ڪيا پر ڊي سي ۽ اي سي کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو ان لاءِ جن پئسا واپس ڪيا آهن انهن جا نالا به ڪيس ۾ شامل ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته گرفتار ڊي سي ۽ اي سي به بيان ڏنا آھن ته اينٽي ڪرپشن کي هٿ آيل رقم سان سندن ڪو به تعلق نه آهي. هنن چيو ته ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جنھن گاڏي ۾ گھمي ٿو اھا سينٽيس ڪمپني جي نالي تي رجسٽرڊ آھي. سندس ٽيڪس انڪم 36 لک آھي پر هو ڪروڙين رپين جي گاڏين ۾ گھمي ٿو. هنن اهو به الزام هنيو ته صوبائي وزير منٿليون وٺن ٿا ۽ هتان روليڪس گھڙيون خريد ڪري دبئي وڃي وڪرو ڪن ٿا جتي انهن روز رائيٽ گاڏي خريد ڪئي آھي. سنڌ حڪومت کين بچائڻ لاءِ جاچ کي اينٽي ڪرپشن تائين محدود رکڻ ٿي چاھي پر هو معاملو نيب تائين منتقل ڪرائيندا. هنن چيو ته کين عدالت مان انصاف جي اميد آهي ۽ وٽن موٽروي ڪرپشن جي حوالي سان بئنڪ اسٽيٽمينٽ ۽ سي سي ٽي وي سميت ٻيا ثبوت پڻ موجود آھن جيڪي هو عدالت کي فراهم ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته مٿن ڪيس ان ڪري داخل ڪيا ويا جو هو پي ٽي آءِ ۾ شامل آهن. اسان ڄاڻايل معاملي تي آواز اٿاريو جنهن بعد نيب ڪيس منتقلي لاءِ درخواست ڏني.